
نوابشاهه(رپورٽ فقير ممتاز خاصخيلي) اسلامي جمهوريه پاڪستان جي پهرين ليڊي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري جي ضلعي شهيد بينظير آباد آمد
نوابشاهه: بي بي آصفه ڀٽو زرداري ضلعي شهيد بينظيرآباد جي عوام کي ايندڙ ٻوڏ جي ريلن سبب درپيش مشڪلاتن ۽ انهن جي حل بابت قدمن تي انتظاميا کي طلب ڪري ورتو
نوابشاهه: بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ حڪومت جي صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيجوهو به موجود
نوابشاهه: بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي ڪمشنر، ڊي سي، ايس ايس پي سميت آبپاشي، ريسڪيو 1122 ۽ صحت کاتي جي منتظمين پاران بريفنگ ڏني وئي
نوابشاهه: سپر فلڊ جي صورت ۾ ضلعي جي نون يونين ڪائونسلن جي 95 ڳوٺن ۾ رهندڙ لڳ ڀڳ 80 هزار ماڻهون ٻوڏ کان متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي بريفنگ
نوابشاهه: سپر فلڊ جي صورت ۾ ضلعي ۾ 64 هزار جانور ٻوڏ کان متاثر ٿي سگهن ٿا جن جي انخلا جو عمل جاري آهي، بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي بريفنگ
نوابشاهه: ضلعي ۾ ٻوڏ سبب قاضي احمد ۽ سڪرنڊ جا علائقا ٿٽ، سعيد ڪانڊو، ڦليل، کڙ، گهرا مري، بهاول شاهه، محراب پور، ماڙي ۽ موريا لاکو متاثر ٿي سگهن ٿا، بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي بريفنگ
نوابشاهه: قاضي احمد ۽ سڪرنڊ ۾ 59 رليف ڪيمپون فعال ڪيون ويون آهن جڏهنتہ 11 ميڊيڪل ڪيمپون به متاثر علائقن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي بريفنگ
نوابشاهه: امدادي ڪمن لاءِ لائف جيڪٽس، ٻيڙيون، فائر برگيڊ، ايمبولينس، ڊي واٽرنگ پمپ ۽ وينٽيليٽر جو بندوبست ڪيو ويو آهي، بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي بريفنگ
نوابشاهه: بي بي آصفه ڀٽو زرداري پوليس ۽ انتظامي ادارن سميت امدادي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ رضاڪارن جي ڪوششن کي ساراهيو
نوابشاهه: ضلعي شهيد بينظير آباد جي عوام کي مان ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينديس، بي بي آصفه ڀٽو زرداري
نوابشاهه: سياسي اختلافن کي پري رکي هي وقت هڪ قوم بڻجي هڪ ٻئي سان گڏ بيهڻ جو آهي، بي بي آصفه ڀٽو زرداري
نوابشاهه: پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ اسين ٽئين وڏي ٻوڏ جو مقابلو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، بي بي آصفه ڀٽو زرداري
نوابشاهه: اميد اٿم تہ موجوده ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميا ماضي جي تجربي مان سکندي وڌيڪ بهتر قدم کڻندي، بي بي آصفه ڀٽو زرداري
نوابشاهه: امدادي سرگرمين کي تيز ڪيو وڃي، بروقت مدد جي حوالي سان ڪنهن به قدم کان پاسو نه ڪيو وڃي، بي بي آصفه ڀٽو زرداري