ٽنڊوالهيار (رپورٽ توصيف احمد قائمخاني)
وزير اعلي سنڌ جو معاون خصوصي براء اقليت امور جو صوبائي وزير لالچند اُڪراڻي ٽنڊوالهيار پهچي راما پير مندر ۾ ميلي جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي ميلي جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير لالچند اُڪراڻي چيو ته سنڌ صوفي بزرگن جي ڌرتي آهي جن هميشه پيار محبت ۽ امن جو درس ڏنو هن ڌرتي تي اسان بنا رنگ نسل جي سڀئي گڏ رهون ٿا سنڌ جا ماڻهون اسان سان محبت ڪن ٿا ۽ اسان انهن سان محبت ڪريون ٿا هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ بنا رنگ نسل جي عوامي خدمت ڪري ٿي اسان جي پارٽي اقليتن سان دلي محبت ڪري ٿي ۽ اسان جي هر تهوار هر ڏک سک ۾ اسان سان گڏ هوندا آهن هن وڌيڪ چيو ته مون هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي اقليت برادري جي وڌ کان وڌ خدمت ڪريان اسان پهرين به راما پير مندر کي اسڪيم ڏئي چڪا آهيون ۽ اڄ هن موقعي تي سولر پلانٽ جو اعلان پڻ ڪريون ٿا لالچند اڪراڻي چيو ته اهڙي قسم جي وڏن ميلن ۾ بدنظمي ٿيڻ عام ڳاله آهي جنهن لاء انتظاميه ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي اسان به اقليتن لاء هر محاذ تي جاکوڙي رهيا آهيون ان موقعي تي ايس ايس پي سيد سليم شاه . ڊي ايس پي سٽي سڪندر سميجو . ڪشور ڪمار . ليلا رام . ارمان گل اوڏ ۽ ٻيا موجود هئا

Scroll to Top