(ٺٽو رپورٽ اختر حسين بروھي)
ڀائٽئي تي پسٽل جا فائر ڪري کيس زخمي ڪندڙ چاچي اشرف چنڊ خلاف ڪيس داخل ڪري ٺٽو پوليس سندس ٻن ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪري ورتو ياد رھي
گذريل ڏينهن معمولي ڳالھ تان پسٽل جا فائر ڪري نوجوان ڀائٽئي فرحان چنڊ ميمڻ کي سخت زخمي ڪندڙ سندس چاچي اشرف چنڊ کي ٺٽو پوليس ٽائون جي انچارج جاچ آفيسر راجا ظفر سول ڪورٽ ٺٽو ۾ پيش ڪيو عدالت کيس ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
اشرف چنڊ خلاف سندس زخمي ڀائٽئي فرحان جي فرياد تي قلم 324 پي پي سي تحت ٺٽو ٿاڻي تي اڄ صبح ڪيس داخل ڪيو ويو