
ڄامشورورپورٽر/ ڄامشوري ۾ سڄي رات برسات، گھڻا علائقا پاڻي هيٺ، رھواسي پريشان
ڄامشوري شھر ۾ سڄي رات وسندڙ برسات سبب زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. ريلوي اسٽيشن، چاوڙا ڳوٺ، ڀريا وليج، سينڊوز روڊ، غريب آباد، حسين آباد، حسين شاھ ڪالوني، بسم الله ڪالوني، بلوچ ڪالوني سميت گھڻا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ڪيترن ئي گهرن ۾ برساتي پاڻي داخل ٿيڻ سبب رھواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پاڻي گھٽن ۽ گهٽين ۾ گڏ ٿيڻ ڪري ماڻهن جي آمد و رفت ڏکي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ برقي نظام به متاثر ٿيو آهي. رھواسين جو چوڻ آهي ته ضلعي ۽ ٽائون انتظاميا مڪمل طور غائب آهي، ڪنهن به هنڌ نيڪالي جو ڪو به بندوبست نظر نٿو اچي.
متاثر رھواسين مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي علائقن مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ۽ ايمرجنسي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي.